بولو کيدو

بولو کيدو: کيدا شورن جو هڪ ننڍڙو پاڙو آهي. ڪوٽڙيءَ کان ڏکڻ طرف، سنڌونديءَ جي ڀر ۾ شورن جو پنهنجو ڳوٺ آهي. انهيءَ پاڙي مان ”بولو“ نالي سان هڪڙو بزرگ ۽ درويش ٿي گذريو آهي. مست فقير، صاحب ڪرامت شخص هو. تحفة الڪرام جو مصنف کيس مشهور مجذوب ۽ سالڪ ٻڌائي ٿو. سدائين پنهنجي رمز ۾ رهندو هو. سندس ڪيترائي مريد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو